بڊام ڍنڍ

بڊام ڍنڍ: هي ڍنڍ قمبر ۽ وارهه جي سرحدي دنگ تي واقع آهي. جيڪا سنڌ جي هڪ مشهور ڪردار بڊاماڻي پنري جي نالي سان منسوب آهي. هن ڍنڍ کان ڪجهه مفاصلي تي ايف پي بند (Flood Projective Bund) گذري ٿو. عام طرح هن ڍنڍ کي ”پنري جي ڍنڍ“ به ڪري سڏيندا آهن، ڪنهن دور ۾ هن ڍنڍ تي پرڏيهي پکي جهجهي تعداد ۾ ايندا هيا پر هن وقت سوڪهڙي جو شڪار آهي .


لفظ بڊام ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو